ٽالپر الحاج مير علي احمد خان

ٽالپر الحاج مير علي احمد خان

مير علي احمد خان ٽالپر

الحاج مير علي احمد خان ٽالپر: الحاج مير علي احمد خان حيدرآباد جي شهداداڻي پاڙي جي ٽالپرن مان هو. شهداداڻي، مير شهداد خان جي ڪري سڏجن ٿا. مير شهداد خان کي چار فرزند ٿيا: (1) ڄام نندو خان، (2) مير صوبدار خان، (3) مير محمود خان ۽ (4) مير چاڪر خان. مير صوبدار خان کي چار فرزند ٿيا: (1) مير فتح علي خان، (2) مير غلام علي خان، (3) مير ڪرم علي خان ۽ (4) مير مراد علي خان، چارئي سنڌ جا والي ٿيا ۽ چئني جي ”چوياري“ مشهور هئي. مير علي احمد خان ”چوياريءَ“ وارن ميرن جي چاچي مير محمود خان جي اولاد مان هئڻ ڪري پاڻ ۽ هن جو خاندان محموداڻي سڏيا ويا آهن ۽ ٽنڊي مير محمود ۾ رهائش پذير آهن. سندن شجرو هن طرح آهي: مير محمود خان جو فرزند مير علي احمد خان ٿيو. ان جو فرزند مير علي محمد خان، ان جو فرزند مير محمود خان ثاني، ان جو فرزند مير نبي بخش خان ٿيو، جنهن کي ٻه فرزند ٿيا: (1) مير علي احمد خان، ۽ (2) مير رسول بخش خان. مير علي احمد خان 31 آگسٽ 1915ع تي ٽنڊي مير محمود ۾ ڄائو. ابتدائي سنڌي تعليم مڪاني اسڪول ۾ ورتائين. 1931ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول (هاڻي نور محمد خان هاءِ اسڪول) ۾ پڙهڻ ويٺو، جتي چئن درجن تائين پڙهيائين. اسڪولي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 1935ع ۾ علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، مولوي فضل احمد غزنويءَ ۽ مولوي خير محمد نظاماڻيءَ سان گڏجي ”انجمن احياءِ ملت “ ٺاهيائين. 1937ع ۾ ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. ترقي ڪري پراونشل ڪانگريس ڪميٽيءَ ۽ انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو. 1937ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ وقت هي ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي ۽ مسٽر جئرامداس دولترام سان گڏ ڪانگريس صوبي سنڌ جي پارليامينٽري بورڊ جو ميمبر رهيو. 1939ع ۾ سائين جي. ايم. سيد سان گڏ پاڪستان ٺهڻ تائين مسلم ليگ ۾ شامل رهيو ۽ مير صاحب به پاڪستان ٺهڻ تائين مسلم ليگ ۾ شامل رهيو. مير صاحب مسلم ليگ ۾ ڪجهه وقت صوبي بهار جو نائب وزيراعليٰ رهيو ۽ ڪجهه وقت لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جو وزيراعليٰ به رهيو ۽ 1947ع ۾ پنجاب جو وزيراعليٰ رهيو. 1946ع ۾ دهليءَ ۾ سڄي هندستان جي قوم پرست مسلمانن جي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ جمعيت العلماءِ هند، جمعيت احرار، خاڪسار جماعت، شيعه ڪانفرنس، مومن جماعت، آزاد ڪانفرنس ۽ ترقي پسند مسلم ليگ جماعتن حصو ورتو. ان ڪانفرنس ۾ مير صاحب به شرڪت ڪئي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ مير صاحب، خان عبدالغفار جي صدارت ۾ ٺهيل پيپلس پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 17 مارچ 1951ع ۾ مسلم ليگ کان ٻاهر جملي سنڌ جي مکيه ڪارڪنن جي ميٽنگ ٿي. ان ۾ به هيءُ شريڪ ٿيو. ٿورو ئي پوءِ ميان افتخارالدين ”آزاد پاڪستان پارٽي“ ٺاهي، ۽ هُن ڪوشش ڪئي ته سڀئي ان ۾ شريڪ ٿين. مير صاحب جي بنگلي تي ڪراچيءَ ۾ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ شامل ٿيڻ کان هن انڪار ڪيو. توڙي جو ان وقت سڀئي ليڊر جيل ۾ هئا، ان ۾ رئيس خان ڀرڳڙي'>غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد، جي.ايم.سيد، خان عبدالغفار خان سرفهرست آهن. مير علي احمد خان، قاضي فيض محمد صاحب ۽ ٻيا دوست ان پارٽيءَ کي سندن اميدن مطابق نه ڏسي، ٻاهر نڪري آيا. مير صاحب ان بعد خانبهادر کهڙي جي دعوت تي مسلم ليگ ۾ داخل ٿيو. 1953غ ۾ هي مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ بنا مخالفت جي ميمبر چونڊجي آيو. 1954ع ۾ خانبهادر کهڙي کي سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو ته مير علي احمد خان ان جي مخالفت ڪئي. مير علي احمد خان ان جي سخت مخالفت ڪئي، پر ون يونٽ جي حمايت ۾ ووٽ ڪيائين. 1956ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، جن ۾ حيدرآباد ضلعي مان چونڊجي ويو. ڊاڪٽر خانصاحب جي وزارت ۾ کيس 30 اپريل 1956ع ۾ وزير ڪري رکيو ويو. ان کان پوءِ سردار عبدالرشيد ۽ نواب قزلباش جي وزارتن ۾ ان وقت تائين وزير رهندو آيو، جيسين تائين 8 آڪٽوبر 1958ع تي ايوب خان طرفان ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو. مير صاحب جي ڪتب خاني ۾ بهترين ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هوندو هو. کيس مطالعي جو اٿاهه شوق هو. اردو، پارسي ۽ سنڌي شاعرن جا تمام گھڻا شعر حوالي طور ڪم آڻيندو هو. فيض احمد فيض ۽ ٻين اردو اديبن جو دوست هو. مير صاحب جي طبيعت ۾ جوش کي زياده دخل پئي رهيو آهي. ان ڪري سندس ڪيترا ساٿي کيس ڇڏي ويا. مير صاحب ترقي پسند خيالن جو ماڻهو هو. جھڙيءَ طرح سندس ساٿي سندس تيز رفتاريءَ سبب کيس ساٿ ڏيڻ کان قاصر هئا، اهڙيءَ طرح هن جي خيال ۽ عمل ۾ هڪ جهڙائي نه هئڻ ڪري، پاڻ به پنهجن ۽ پراون وٽ نڪته چينيءَ جو نشانو بنيو رهيو. مير صاحب فصيح ۽ بليغ مقرر هو. هو پورالو هو. ڪڏهين اَڏ ٽپڻ کان پيو گوشو ڪندو ته ڪڏهين درياهه کي هڪ ڇلانگ سان ٽپي پار پوندو هو، حيدرآباد شهر ۾ محترمه فاطمه جناح جي صدارتي چونڊ جي حمايت ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ سندس ڪيل ولولي انگيز تقرير ان ڳالهه جو کليل ثبوت هئي. مير صاحب طويل بيماريءَ دوران 1987ع ۾ وفات ڪئي.سندس آخري آرامگاهه گنجي ٽڪر جي پهاڙيءَ تي برڪت ڀائي پارڪ جي ويجهو شهداداڻي ميرن جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.08.31  عيسوي

مير علي احمد خان 31 آگسٽ 1915ع تي ٽنڊي مير محمود ۾ ڄائو


1987.00.00  عيسوي

مير علي احمد خان طويل بيماري دوران 1987ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صديقي محمود الحسن ڊاڪٽر
ديو سڀاڻي
بيربل
حاجي بهرام عرف حاجي بهران
شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي
عبدالحق شيخ 2
پاٽائي شيخ رڪن الدين
عبدالستار ميمڻ
ضياء شاهه
راهوجو محبوب رڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون